سنڌ

October 7, 2021 5:33 pm

نيب چيئرمين جي ملازمت واري مدي ۾ واڌ غيرقانوني ۽ بدنيتي تي ٻڌل آهي: بلاول ڀٽو

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته نيب چيئرمين جي ملازمت واري مدي ۾ واڌ نه صرف غيرقانوني آهي پر اها بدنيتي تي به ٻڌل آهي.

پنهنجي ٽوئٽ ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پينڊورا پيپرز  کان پوءِ خاص طور تي حڪومت پاڻ کي احتساب کان بچائڻ چاهي ٿي. سليڪٽيڊ حڪومت وزيراعظم ۽ ان جي خاندان ۽ عزيزن کي احتساب کان بچائڻ چاهي ٿي. سليڪٽيڊ حڪومت وزيراعظم، ان جي خاندان ۽ عزيزن کي احتساب کان ڇوٽ ڏيندي اپوزيشن کي نشانو بنائڻ جو عمل جاري رکڻ چاهي ٿي. نيب چيئرمين جي ملازمت واري مدي ۾ ۾ واڌ نه صرف غير قانوني آهي پر بدنيتي تي به ٻڌل آهي.

واضح رهي ته صدر ڊاڪٽر عارف علوي گذريل ڏينهن قومي احتساب بيورو ترميمي آرڊيننس 2021 جاري ڪيو هو جنهن جي تحت صدر نيب چيئرمين جي مقرري، وزيراعظم  ۽ اپوزيشن اڳواڻ جي صلاح سان ڪندو. پر صدر  عارف علوي اتفاق راءِ نه هجڻ تي نيب چيئرمين جو معاملو پارلياماني ڪميٽي  ڏانهن اماڻيندو. نئين چيئرمين جي مقرري تائين موجوده نيب چيئرمين ڪم جاري رکندو.

وڌيڪ پڙهو: