پاڪستان

December 10, 2021 12:06 pm

نيب جي پوليٽيڪل انجنيئرنگ جو ذڪر نه رڳو عدالتون پر عالمي ادارا به ڪري چڪا آهن : شيري رحمان

پ پ سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته نيب ۽ حڪومت ۾ ڳٺجوڙ هاڻي وائکي ٿي چڪي آهي، نيب جي پوليٽيڪل انجنيئرنگ جو ذڪر نه رڳو عدالتون پر عالمي ادارا به ڪري چڪا آهن.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي نيب بابت ريمارڪس تي رد عمل ظاهر ڪندي شيري رحمان چيو ته پيپلز پارٽي به اهو ئي چئي رهي آهي ته جيڪڏهن ثبوت ناهن ته ريفرنس ڪنهن جي چوڻ تي بڻايا وڃن ٿا.

هن چيو ته آصف زرداري 12 سال جيل ڀوڳي چڪو آهي، ٽن سالن کان جيل ۽ پيشين کي منهن ڏئي رهيو آهي، حيرت جي ڳالهه آهي ته عدالت به ثبوت گهري رهي آهي.

سينيٽر شيري رحمان وڌيڪ چيو ته نيب وٽ جيڪڏهن اڳوڻي صدر آصف علي زرداري خلاف ثبوت آهن ته عدالت ۾ پيش ڇو نه پيا ڪيا وڃن..

وڌيڪ پڙهو: