نيب قانون ۾ ترميم سان وزيراعظم شهباز شريف، اڳوڻي صدر آصف زرداري، يوسف رضا گيلاني، پرويز اشرف، شوڪت ترين سميت ڪيترن ئي سياستدانن فائدو ورتو: فهرست سپريم ڪورٽ ۾ پيش، نيب قانون ۾ ترميم خلاف عمران خان جي درخواست تي ٻڌڻي دوران پيش ڪيل فهرست ۾ اڳوڻي گورنر مهتاب خان، سبطين خان، انور مجيد، شوڪت عزيز، اسلم رئيساڻي، لشڪري رئيساڻي، لياقت جتوئي ۽ ٻين جا نالا به شامل، چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته پارليامينٽ، عدليا کي ڪوبه قانون ڪالعدم قرار ڏيڻ لاءِ گهڻا اختيار ڏنا آهن، جسٽس منصور علي شاهه پڇيو ته ڇا نيب ترميمون بنيادي حقن کانسواءِ باقي آئيني شقن سان ٽڪراءَ ۾ هجڻ تي ڪالعدم ٿي سگهن ٿيون؟، جسٽس اعجاز الاحسن رمارڪس ڏنا ته ممڪن آهي ته عدالت ان نتيجي تي پهچي ته نيب ترميمن مان فائدو انهن کي ٿيو، جيڪي حڪومت ۾ آهن.