ناڻي واري وزارت قائمه ڪميٽي آڏو انڪشاف ڪيو آهي ته قومي احتساب بيورو(نيب) طرفان قومي ناڻي ۾ ڪابه رقم جمع ناهي ڪرائي وئي.
سينيٽر سليم مانڊوي والا صحافين سان ڳالهين دوران ٻڌايو ته نيب جو قومي ناڻي ۾ رقم جمع ڪرائڻ جو ڪوڙ سامهون اچي ويو آهي. ناڻي واري وزارت کان سوال ڪيو ويو ته نيب اڄ تائين ڪيتري رقم جمع ڪرائي آهي؟ جنهن تي ناڻي واري وزارت نيب جي ريڪوري بابت وڏو دلچسپ جواب ڏنو آهي.
ناڻي واري وزارت چيو آهي ته نيب قومي ناڻي ۾ ڪابه رقم جمع ناهي ڪرائي. ناڻي واري وزارت چيو آهي ته اسان کي صرف ان رقم جي خبر آهي جيڪو اسان نيب کي بجيٽ ڏنو آهي.
سليم مانڊوي والا صحافين آڏو سوال ڪيو ته نيب ايتري دعويٰ ڪندو آهي ته اسان ايتري رقم جمع ڪرائي نيب اڄ تائين هڪ روپيو به قومي ناڻي ۾ جمع ناهي ڪرايو. هن چيو ته نيب جنهن رقم جي تفصيل جمع ڪرائي آهي ان ۾ به وڏو تضاد آهي.
سينيٽر ٻڌايو ته نيب اختيارين کي طلب ڪيو آهي ته اهي اچي پاڻ وضاحت ڏين. نيب اچي ٻڌائي ته ريڪور ڪيل رقم ڪٿي پيل آهي.