پاڪستان

November 8, 2021 12:36 pm

نيب ايل اين جي اسڪينڊل تي خاموش ڇو آهي؟ : شيري رحمان

پاڪستان پيپلز پارٽي ايل اين جي اسڪينڊل جي انڪوائري جو مطالبو ڪري ڇڏيو،

پ پ سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته پنهنجي نااهلي تي پردو وجهڻ لاءِ تباهي سرڪار سڀ کان مهانگو ايل اين جي ڪارگو خريد ڪرڻ وڃي پئي، هي بحران پيدا ڪري مافيا لاءِ موقعا پيدا ڪن ٿا.

پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ پ پ سينيٽر شيري رحمان چيو ته سياري لاءِ 2 ايل اين جي ڪارگوز سپلاءِ رد ٿي ويا، هڪ ڪارگو اڳ ئي گهٽ خريد ڪيو ويو هو.

هن چيو ته پنهنجي نااهلي تي پردو وجهڻ لاءِ تباهي سرڪار سڀ کان مهانگو ايل اين جي ڪارگو خريد ڪرڻ وڃي پئي، اسين ايل اين جي اسڪينڊل جي انڪوائريءَ جو مطالبو ڪريون ٿا.

شيري رحمان چيو ته هي بحران پيدا ڪري مافيا لاءِ موقعا پيدا ڪرڻ چاهين ٿا، نيب ايل اين جي اسڪينڊل تي خاموش ڇو آهي؟ انڪوائري ڇو نه پئي ڪرائي وڃي..

وڌيڪ پڙهو: