سنڌ

October 7, 2021 5:41 pm

نيبپ پ پ اڳواڻ مڪيش ڪمار چاولا خلاف جاچ شروع ڪري ڇڏي

سنڌ حڪومت جو وزير مڪيش ڪمار چاولا به نيب ريڊار تي اچي ويو آهي. نيب مڪيش ڪمار چاولا جي  اثاثن جي جاچ شروع ڪري ڏني آهي. نيب ايس اي سي پي سي پيپلز جي صوبائي وزير جو رڪارڊ به طلب ڪري ورتو آهي.

مڪيش ڪمار  چاولا کان علاوه ان جي فرنٽ مين جو رڪارڊ به طلب ڪيو ويو آهي. خط جي متن ۾ چيو ويو آهي ته پرائيويٽ شخص حسن علي شريف جي خلاف ڪرپشن جي جاچ جاري آهي. صوبائي وزير ۽ ان جي گهر ڀاتين جا سمورا تفصيل طلب ڪيا ويا آهن. مڪيش چاولا ۽  سندس گهر ڀاتين جا نالا جيڪي ڪمپنيز ۾ شيئر هولڊرز آهن انهن جا سمورا تفصيل ڏنا وڃن.

خط موجب ڊپٽي ڊائريڪٽر ايڊمن ايڪسائيز اينڊ ٽيڪنيشن وحيد شيخ ۽ ان جي گهر ڀاتين جو به رڪارڊ ڏنو وڃي. حسن علي ۽ شوڪت امان بابت تفصيل به نيب حوالي ڪيا وڃن. سيڪيورٽي ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان نيب کي مڪيش ڪمار  چاولا بابت اهم رڪارڊ ڏئي ڇڏيو آهي.

وڌيڪ پڙهو: