سنڌ

November 25, 2021 3:53 pm

نوشين شاهه معاملي جي جاچ دوران ڪجهه ثبوت ملي ويا آهن : ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو مظهر نواز شيخ

ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو مظهر نواز شيخ چيو آهي ته نوشين شاهه معاملي جي جاچ دوران ڪجهه ثبوت ملي ويا آهن، هاڻي هو پوسٽ مارٽم ۽ فارينزڪ رپورٽس جو انتظام ڪري رهيا آهن.

لاڙڪاڻي ۾ ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهائيندي ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو مظهر نواز شيخ چيو ته پوليس پاران جوريل جاچ ڪميٽي هاسٽل انچارج، روم ميٽ ۽ شاگردياڻين کان جاچ ڪئي.

لاش وٽان هٿ آيل خط جي هينڊ رائيٽنگ جو جائزو به ورتو پيو وڃي.

ڊي آءِ جي چيو ته اسان وڊيو رڪارڊنگ ۽ فارنزڪ ٽيمن جي مدد سان جاچ ڪري رهيا آهيون ۽ ڪافي ثبوت ملي ويا آهن، شاگردياڻيءَ جو موت ڪيئن ٿيو، آپگهات هو يا قتل؟ رپورٽس اچڻ کانپوءِ خبر پوندي.

ياد رهي ته لاڙڪاڻو چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردياڻي نوشين شاهه جو لاش هاسٽل جي ڪمري مان ڦاهي لڳل حالت ۾  مليو، واقعي جي ڪاليج انتظاميا پاران آپگهات قرار ڏنو ويو آهي..

وڌيڪ پڙهو: