اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ نوري آباد پاور پلانٽ ريفرنس ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه تي اڄ به فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو،
عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته عمران خان جي وڃڻ جو وقت اچي ويو آهي، هي هليا ويندا، هي حڪومت ملڪ کي آئين تحت نٿي هلائي سگهي.
اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ نوري آباد پاور پلانٽ جي آڙ ۾ مبينا مني لانڊرنگ ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران وڏي وزير مراد علي شاهه سميت ٻيا جوابدار پيش ٿيا.
شريڪ جوابدار حسن رضا صحت خراب هئڻ ۽ جوابدار سلطان فاروق ڪرونا وائرس سبب پيش نه ٿيا، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 8 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته هي نااهل ۽ ناسمجهه ماڻهن جو ميڙ آهي، لڳي ٿو ته حڪومت ملڪ کي آئين تحت نٿي هلائي سگهي.
هن چيو ته حڪومتي تبديلي بابت عوام کان اشارا ملي رهيا آهن، پيپلز پارتي عوام جي اشاري تي هلندي آهي.
وڏي وزير چيو ته سنڌ سان هميشه ناانصافي ٿيندي رهي آهي، ڪراچي سميت سڄي سنڌ اندر درست آدمشماري نه ڪئي وئي، آئين چوي ٿو ته آفيسر مشاورت سان بدلي ٿيندا پر هِنن پنهنجي جاگير سمجهي بدلي ڪري ڇڏيا، حڪومت سمجهي ٿي ته آفيسرز جي بدلي سان صوبائي حڪومت ڪمزور ٿيندي.
وڏي وزير مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته اسلام آباد ۾ گهلندڙ هوائن جا اثر ڪراچي تائين پهچي رهيا آهن، فون ڪالز ڪرائين ٿا ته اسان کي بچايو..