مسلم ليگ ن جي صدر ۽ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف چيو آهي ته نواز شريف ۽ مريم نواز کي نشانو بڻائڻ جي پردي پٺيان سازش بي نقاب ٿي آهي.
گلگت بلتستان جي اڳوڻي چيف جسٽس راڻا ايم شميم جي سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار بابت حلفي بيان تي رد عمل ظاهر ڪندي شهباز شريف چيو ته سچائي ظاهر ڪرڻ جو الله تعاليٰ جو پنهنجو طريقو آهي.
هن چيو ته سچائي ظاهر ٿيڻ عوام جي عدالت ۾ نواز شريف ۽ مريم نواز جي بي گناهي جو هڪ ٻيو ثبوت آهي.
واضح رهي ته گلگت بلتستان جي اڳوڻي چيف جسٽس راڻا ايم شميم پنهنجي تصديق ٿيل حلف نامي ۾ چيو آهي ته هُو انهيءَ واقعي جو گواهه هو،
جڏهن ان وقت جي چيف جسٽس ثاقب نثار هاءِ ڪورٽ جي هڪ جج کي حڪم ڏنو هو ته 2018ع جي عام چونڊن کان اڳ نواز شريف ۽ مريم نواز کي ضمانت تي آزاد نه ڪيو وڃي..