اهم خبرون

پاڪستان

February 13, 2023 7:36 pm

نه کيڏندس ۽ نه کيڏڻ ڏيندس جي پاليسي پاڪستان کي نقصان پهچائيندي: بلاول ڀٽو زرداري

پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته نه کيڏندس ۽ نه کيڏڻ ڏيندس جي پاليسي پاڪستان کي نقصان پهچائيندي

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته تاريخ گواهه آهي ته آئين کي ٽوڙيو ويو ته ملڪ کي نقصان ٿيو، ملڪ کي آئين مطابق هلايو ويندو ته ترقي ڪندو، آئين جي خلاف فيصلا ڪيا ويا ته عوام جو نقصان ٿيو، آئين جي ڪري ئي ملڪ هلي رهيو آهي.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ضياءُ الحق ۽ پرويز مشرف جو دور هڪ امتحان هو، تازو اسان سليڪٽڊ دور مان گذريا آهيون، سليڪٽيڊ جو دوربه آئين لاءِ امتحان هو. اسان اڄ به امتحان مان گذري رهيا آهيون، جيڪڏهن اسان ان امتحان ۾ ناڪام ٿياسين ته عوام، جمهوريت ۽ ملڪ جو نقصان ٿيندو

پرڏيهي وزير چيو ته عمران خان جي دور ۾ آئين ۽ نظام خطري ۾ هو، اسان جنهن معاشي، سياسي ۽ سماجي بحران مان گذري رهيا آهيون، تاريخ ۾ ملڪ ايتري وڏي بحران مان ڪڏهن به نه گذريو آهي، پاڪستان جو سياسي ميدان ايترو وڏو آهي جنهن ۾ اسان سڀ رهي سگهون ٿا، اسان سڀني سياسي پارٽين سان ڳالهائڻ لاءِ تيار آهيون.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اڳوڻو وزيراعظم 18هين ترميم جي خلاف هو، عمران چاهي ٿو ته مخالفن کي ڪيئن نشانو بڻايو وڃي، ملڪ کي هلائڻ لاءِ ضروري هوندو آهي ته اسان اصولن تي هلون نه کيڏندس ۽ نه کيڏڻ ڏيندس جي پاليسي پاڪستان کينقصان پهچائيندي

وڌيڪ پڙهو: