شوبز

February 6, 2022 11:12 am

ننڍي کنڊ جي ڪوئل لتا منگيشڪر 92 ورهين ڄمار ۾ ديهانت ڪري وئي

ننڍي کنڊ جي ڪوئل لتامنگيشڪر جو آواز هميشه لاءِ خاموش ٿي ويو، هو ڪرونا وائرس سبب مهيني کان وينٽي ليٽر تي هئي، هن زندگي جون 92 بهارون ماڻيون.

13 سالن جي ڄمار کان آواز جي دنيا ۾  پير پائيندڙ لتامنگيشڪر، 70 ورهين تائين موسيقي  جي دنيا تي ڇانيل رهي.

لتا منگيشڪر هڪ نه پر ڪيترين ئي جنريشن جي سنگر طور  سامهون آئي، هن جي زندگي جي هر موڙ تي ڳايل گيت جوان آواز طور ڪنن ۾ رس ڀريندو رهندو.

لتامگيشڪر  سنڌي سميت مختلف زبانن ۾ 30 هزارن کان وڌيڪ گيت ڳاتا.

هن جي مشهور گيتن ۾ همڪو، هم سي چرالو، ميري متوا، ميري ميت ري، هوگيا هي تجهڪو تو پيار سجنا، ڪِرچي ري ڪِرچي،دل تو هي دل ۽ ٻيا شامل آهن…

لتا منگيشڪر ليجنڊري سنگر طور صدين تائين پنهنجي آواز جي پڙلاءَ سان  زندهه رهندي.

لتا منگيشڪر کي ڏيهه ۽ پرڏيهه ۾ مڃتا طور  اڻ ڳڻين ايوارڊز سان نوازيو ويو..

وڌيڪ پڙهو: