سنڌ

October 28, 2021 11:31 am

نسلا ٽاور کي ڊاهڻ جو لکت ۾ حڪمنامو جاري

سپريم ڪورٽ ڪراچي ۾ نسلا ٽاور کي ڊاهڻ جو لکت ۾ حڪمنامو جاري ڪندي چيو آهي ته نسلا ٽاور ڪيرائڻ لاءِ جديد ڊوائيسز جو استعمال ڪئي وڃي.

سپريم ڪورٽ چيو آهي ته نسلا ٽاور کي ڪيرائڻ لاءِ اهو ئي طريقيڪار اختيار ڪيو وڃي، جيڪو ٻين ملڪن ۾ ٿيندو آهي، جديد ڊيٽونيشن جو استعمال هن وقت ڀارت ۾ به ٿي رهيو آهي.

سپريم ڪورٽ چيو آهي ته 27 آڪبوبر کان پوءِ هڪ هفتي اندر ٽاور ڪيرايو وڃي، ان دوران ان ڳالهه کي به يقيني بڻايو وڃي ته ٽاور ڪيرائڻ وقت باقي ڪو به نقصان نه ٿئي،

سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته عمارت ڪيرائڻ جو خرچ ٽاور جي مالڪ کان ورتو وڃي، جيڪڏهن مالڪ رقم نٿو ڏئي ته ڪمشنر ڪراچي پلاٽ وڪرو ڪري رقم  وٺي،

عدالت عمارت ڪيرائڻ بعد ملبو به فوري طور هٽائڻ جي هدايت ڪئي آهي..

وڌيڪ پڙهو: