پاڪستان

تازه خبرون

October 28, 2021 4:41 pm

ناڻي واري وزارت ملڪ ۾ وڌيڪ مهانگائي کان خبردار ڪري ڇڏيو

ناڻي واري وزارت عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جون قيمتون وڌڻ سان مهانگائي ۾ وڌيڪ واڌ کان خبردار ڪري ڇڏيو آهي. ناڻي واري وزارت هلندڙ مالي سال جي 3 مهينن جي آئوٽ لڪ جاري ڪري ڇڏي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ڊالر جا ريٽ ۽ موسمياتي عوامل سبب مهانگائي وڌي رهي آهي.

سيپٽمبر ۾ مهانگائي جي شرح 8.98 سيڪڙو رهي. ناڻي واري وزارت چيو آهي ته حڪومت عالمي مارڪيٽ ۾ مهانگائي جو دٻاءُ عوام ڏانهن منتقل ناهي ڪيو. عالمي مارڪيٽ جا جهٽڪا وڌيڪ نه لڳا ساليانو مهانگائي گهٽ ٿي سگهي ٿي.

ناڻي واري وزارت وڌيڪ چيو ته هلندڙ مالي سال جي پهرين ٽه ماهي ۾ مالياتي خسارو 11 ايڪڙو وڌي 462 ارب روپيه ٿي ويو.

وڌيڪ پڙهو: