پاڪستان

تازه خبرون

November 7, 2021 7:00 pm

ناڻي واري صلاحڪار پيٽروليم شين تي ليوي وڌيڪ وڌائڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو

وزيراعظم عمران خان جي ناڻي بابت صلاحڪار شوڪت ترين پيٽروليم شين تي ليوي وڌيڪ وڌائڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي. رپورٽ موجب خانگي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهيون ڪندي شوڪت ترين چيو ته عالمي مالياتي فنڊ(آءِ ايم ايف) به پيٽروليم ڊوالپمينٽ ليوي(پي ڊي ايل) وڌائڻ جو چيو آهي پر ان جو ڳانڍاپو پيٽروليم شين جي عالمي قيمتن تي هوندو.

هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن تيل جون عالمي قيمتون گهٽ ٿي وينديون ته حڪومت کي پي ڊي ايل وڌائڻ ۾ آساني ٿي ويندي. شوڪت ترين چيو ته درآمدات گهٽ ڪرڻ لاءِ ڪجهه پابنديون لڳائڻيون پونديون. هڪ ٻن ڏينهن ۾ حتمي ڳالهيون ٿينديون انشاءَالله هي معاملو جلد حل ٿي ويندو. آءِ ايم ايف سان معاهدي جي حوالي سان پڇيل سوال تي ناڻي واري صلاحڪار چيو ته نوٽيفڪيشن ايندو ته خبر پئجي ويندي ته اسان ڇا طئي ڪيو آهي پر ليوي ڪجهه نه ڪجهه ته وڌائڻي پوندي البته ان جو دارومدار آئل جي قيمت تي هوندو ته اها ڪٿي پهچي ٿي.

کنڊ جي قيمتن ۾ اضافي جي حوالي سان ڳالهيون ڪندي شوڪت ترين چيو ته ملز ۽ ڊيلرز جي ذخيره اندوزي سبب کنڊ جون قيمتون وڌنديون. ٻاهران گهرايل کنڊ وڏي مقدار ۾ موجود آهي.

وڌيڪ پڙهو: