پاڪستان

January 4, 2022 2:45 pm

ناڻي جو وزير چئي ٿو ته رڳو ٻه ارب رپين جا ٽيڪس لڳايا ويا : شاهد خاقان عباسي

اڳوڻي وزير اعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پاڪستان گذريل ٽن سالن کان بدترين مهانگائي  جي وڪڙ ۾ آهي،

دنيا ۾ پيٽرول جي قيمت گهٽ ۽ پاڪستان ۾ وڌي رهي آهي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته اسان ڪرپشن ڪئي آهي ته ٽي وي ڪيمرائن سامهون  اسان کان پڇا ڪئي وڃي،

هزارين ماڻهو جيلن ۾ پيا آهن، ڪوبه پڇڻ وارو ناهي.

ن ليگ اڳواڻ چيو ته اڄ سمورو ملڪ مني بجيٽ جو انتظار ڪري رهيو آهي، ناڻي جو وزير چئي ٿو ته رڳو ٻه ارب رپين جا ٽيڪس لڳايا ويا.

هن چيو ته آءِ ايم ايف  سان ڪهڙي ڊيل ٿي ڪوبه جواب نٿو ملي..

وڌيڪ پڙهو: