پاڪستان

October 24, 2021 12:31 pm

ناموس رسالت ﷺ ۽ ختم نبوت جو عقيدو  هر مسلمان جي ايمان جو بنياد آهي : احسن اقبال

ن ليگ جي اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته ناموس رسالت ﷺ ۽ ختم نبوت جو عقيدو  هر مسلمان جي ايمان جو بنياد آهي، بدقسمتي سان ان حساس ترين مسئلي کي ن ليگ حڪومت کي ڪمزور ڪرڻ ۽ ووٽ بينڪ ڪاٽڻ لاءِ استعمال ڪيو ويو.

ٽوئيٽ ڪندي احسن اقبال چيو ته مون کي گولي لڳي ،ن ليگ جون اٽڪل 20 سيٽون هارايون ويون .

هن چيو ته بندش وڌل تنظيم جي مارچ سان جيڪي منظر عالمي ميڊيا جي زينت بڻيا، اهي ملڪ جي اسلامي سڃاڻپ کي هٿي نه ڏيندا.

هن چيو ته موجودهه صورتحال کي پاڪستان جا دشمن عالمي سطح تي عام راءِ هموار ڪرڻ لاءِ استعمال ڪري رهيا آهن.

ن ليگ اڳواڻ چيو ته مان بندش وڌل تنظيم جي قيادت کي اپيل ڪريان ٿو ته پاڪستان سنگين مسئلن ۾ گهيريل آهي،ڳالهين ذريعي مسئلو حل ڪيو وڃي.

احسن اقبال چيو ته حڪومت هوش کان ڪم وٺي، ٽڪراءَ کان پاسو ڪري،وزير اعظم ملڪ مان غائب آهي..

وڌيڪ پڙهو: