پاڪستان

تازه خبرون

October 31, 2021 5:31 pm

نامزدگي ڪاغذ رد ٿيڻ وارو معاملو: اليڪشن ڪميشن جمشيد چيمه جا الزام رد ڪري ڇڏيا

تحريڪ انصاف جي جمشيد اقبال چيمه ۽ مسرت جمشيد جا نامزدگي ڪاغذ رد ٿيڻ واري معاملي نئون رخ اختيار ڪري ورتو آهي. جمشيد اقبال ۽ مسرت جمشيد جي حامين اين اي 133 جي رهواسي هجڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. جڏهن ته اليڪشن ڪميشن جمشيد اقبال چيمه جي الزامن کي رد ڪري ڇڏيو آهي.

رپورٽ موجب اين اي 133، جمشيد اقبال جي نامزدگي ڪاغذ رد ٿيڻ وارو معاملي نئون رخ اختيار ڪري ورتو آهي. جمشيد اقبال چيمه ۽ مسرت جمشيد جا حامي سامهون اچي ويا آهن. بلال حسين ۽ غلام مرتضيٰ چيو آهي ته هو اين اي 133 جا ئي رهواسي آهن اسان کي خبر ناهي ته اسان جو نالو اين اي 130 ۾ ڪيئن هليو ويو. اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل بيان موجب جمشيد اقبال چيمه ۽ ان جي گهر واري طرفان لڳايل الزام بي بنياد آهن ۽ هاڻ واضح ٿي ويو آهي ته ٻنهي حامين جا ووٽ 2018 کان ئي تڪ اين اي 130 ۾ داخل آهن. اعلاميي ۾ چيو ويو آهي ته سيپٽمبر 2020 جي نظرثاني چونڊ فهرست ۾ ٻئي حامي تڪ اين اي 130 جا ووٽر آهن.

صوبائي اليڪشن ڪمشنر غلام اسرار چيو آهي ته اليڪشن جي شفافيت تي ڪوبه سمجهوتو نٿو ڪري سگهجي. جمشيد اقبال چيمه ۽ ان جي گهر واري مسرت چيمه نامزدگي ڪاغذ رد ٿيڻ تي الزام هنيو هو ته انهن جي حامين جا ووٽ سازش جي تحت ٻئي تڪ ۾ منتقل ڪيا ويا آهن.

وڌيڪ پڙهو: