سنڌ

November 10, 2021 4:42 pm

ناظم جوکيو قتل ڪيس ۾ پرڏيهين کي شامل ڪرڻ جي استدعا

ملير جي مقامي عدالت ميمڻ ڳوٺ ۾ پرڏيهين کي شڪار کان روڪڻ ۽ وڊيو ٺاهڻ تي ناظم جوکيو جي قتل ڪيس ۾ 3 جوابدارن کي 16 نومبر تائين جسماني رمانڊ تي پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو مدعي جي وڪيل 2 پرڏيهين کي به ڪيس ۾ شامل ڪرڻ جي استدعا ڪري ڇڏي.

ملير ڪورٽ ۾ جوڊيشل ميجسٽريٽ آڏو ملير جي ميمڻ ڳوٺ ۾ پرڏيهين کي شڪار کان روڪڻ ۽ وڊيو ٺاهڻ تي ناظم جوکيو جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. پوليس گرفتار وڌيڪ 3 جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪيو. جوابدارن ۾ رزاق، معراج ۽ جمال شامل آهن.

جاچ آفيسر ٻڌايو ته جوابدارن وڊيو وائرل ٿيڻ کان پوءِ ناظم جوکيو کي ڌمڪيون ڏنيون هيون. ڪيس ۾ اغوا جي قلمن جو اضافو ڪيو ويو آهي. ڪيس ۾ ايم اين اي ڄام عبدالڪريم ۽ ايم پي اي ڄام اويس سميت 16 جوابدار نامزد آهن. ڪيس ۾ 5 ٻين نامعلوم مانهن کي به شامل ڪيو ويو آهي. ڪيس ۾ گڏيل طور تي 21 جوابدارن کي شامل ڪيو ويو آهي عدالت 3 جوابدارن کي 16 نومبر تائين جسماني رمانڊ تي پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو.

ڪيس ۾ هينئر تائين صوبائي اسيمبلي ميمبر ڄام اويس سميت 6 جوابدار گرفتار آهن. مدعي جي وڪيل موقف ڏنو ته ڪيس ۾ شڪار ڪندڙ 2 پرڏيهين جا نالا به شامل ڪيا وڃن. مدعي پوليس کي ڏنل بيان ۾ 2 پرڏيهين جا نالا به ڏنا آهن عدالت پرڏيهين کي به ڪيس ۾ شامل ڪرڻ جو حڪم ڏنو. پوليس اڃان تائين مقتول ناظم جوکيو جو موبائل فون ۽ رت وارا ڪپڙا هٿ نه ڪيا آهن. جاچ آفيسر اڃان تائين قلم 109 ۽ شاهديون لڪائڻ جا قلم شامل ناهن ڪيا.

وڌيڪ پڙهو: