ملير پوليس تلور جي شڪار کان روڪڻ تي قتل ڪيل نوجوان ناظم جوکيو ڪيس جا سمورا ثبوت هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي،
جاچ آفيسر موجب ڄام هائوس جي ويئر هائوس مان ثبوت گڏ ڪيا آهن، ناظم جوکئي کي ڄام هائوس جي ويئر هائوس ۾ قيد ڪري تشدد جو نشانو بڻايو ويو،
ناظم جوکيو جو هٿ آيل موبائل گهڻو سڙيل آهي، فرانزڪ لاءِ پنجاب جي ليبارٽري ڏانهن موڪليو ويندو، ڪيس ۾ ايم پي اي ڄام اويس سميت 5 جوابدار نامزد ڪيا هئا،
164جي بيان کانپوءِ وڌيڪ 11 جوابدارن جا نالا شامل ڪيا، ايم اين اي ڄام عبدالڪريم سميت 4 جوابدارن ضمانت ڪرائي آهي.
ملير پوليس ناظم جوکيو جو موبائل فون ۽ ڪپڙا هٿ ڪرڻ بعد جاچ جو دائرو وڌائي ڇڏيو آهي.
جاچ آفيسر ناظم جوکيو جي قتل ڪيس جا سمورا ثبوت هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪندي چيو آهي ته ڄام هائوس جي ويئر هائوس مان ثبوت گڏ ڪيا آهن،
ناظم جوکئي کي ڄام هائوس جي ويئر هائوس ۾ قيد ڪري تشدد جو نشانو بڻايو ويو.
جاچ آفيسر موجب، ناظم جوکيو جو هٿ آيل موبائل گهڻو سڙيل آهي، فرانزڪ لاءِ پنجاب جي ليبارٽري ڏانهن موڪليو ويندو.
جاچ آفيسر جو چوڻ آهي ته ، ڪيس ۾ ايم پي اي ڄام اويس سميت 5 جوابدار نامزد ڪيا هئا، 164جي بيان کانپوءِ وڌيڪ 11 جوابدارن جا نالا شامل ڪيا، ايم اين اي ڄام عبدالڪريم سميت 4 جوابدارن ضمانت ڪرائي آهي..