سنڌ

November 17, 2021 2:46 pm

ناظم جوکيو جي ڪيس جي جاچ لاءِ نئين جاچ ٽيم جوڙي وئي

تلور جو شڪار ڪرڻ کان روڪڻ تي بيدردي سان قتل ڪيل ناظم جوکيو جي ڪيس جي جاچ لاءِ نئين جاچ ٽيم جوڙي وئي آهي،

ڪراچي پوليس چيف فريادي پاران پوليس جي جاچ تي بي اعتمادي ظاهر ڪرن بعد اي آءِ جي تنوير عالم اوڍو جي سربراهي ۾ ٽه رڪني  ٽيم جوڙي ڇڏي آهي.

ڪراچڇي پوليس جي سربراهه ناظم جوکيو قتل ڪيس جي جاچ لاءِ اي آءِ جي فنانس تنوير عالم اوڍو جي سربراهي ۾ ٽه رڪني نئين جاچ ٽيم جوڙي ڇڏي آهي،

ٽيم انسپيڪٽر سراج علي لاشاري ۽  ڊي ايس پي غلام علي جماڻي به شامل آهنئ

ناظم جوکيو جي وارثن  ٻه ايڊيشنل آءِ جي سان ملاقات ڪري پوليس جي جاچ تي بي اعتمادي ظاهر ڪئي هئي، جنهن تي ڪراچي پوليس چيف ڪيس جي جاچ لاءِ نئين ٽيم جوڙي ڇڏي..

 

وڌيڪ پڙهو: