سنڌ

November 5, 2021 3:30 pm

ناظم جوکيو جي وحشياڻي قتل ۾ جيڪو به ملوث نڪتو، ان کي بخش نه ڪيو ويندو : وزير اعليٰ سنڌ

وڏو وزير مراد علي شاهه تلور پکي جو شڪار ڪرڻ کان روڪڻ تي بيدردي سان قتل ڪيل نوجوان ناظم جوکيو جي وارثن وٽ پهچي تعزيت ڪئي،

مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت قتل ڪيل نوجوان جي وارثن سان گڏ آهي، ڪيس به وارثن جي مرضي موجب داخل ٿيو آهي، جيڪو به ملوث نڪتو، ان کي بخش نه ڪيو ويندو،

وڏو وزير مراد علي شاهه صوبائي وزير امتياز شيخ، سعيد غني، ساجد جوکيو ۽ ٻين سان گڏ مقتول نوجوان ناظم جوکيو جي تڏي تي پهچي سندس وارثن سان تعزيت ڪئي ۽ واقعي جا تفصيل ورتا.

وڏي وزير مقتول نوجوان جي وارثن کي انصاف جي خاطري ڪرائيندي چيو ته سنڌ حڪومت قتل ڪيل نوجوان جي وارثن سان گڏ آهي،

ڪيس به وارثن جي مرضي موجب داخل ٿيو آهي، جيڪو به ملوث نڪتو، ان کي بخش نه ڪيو ويندو..

 

وڌيڪ پڙهو: