پاڪستان

October 24, 2021 1:23 pm

ناراض ميمبر حڪومت ٺاهين ٿا ته اسان اپوزيشن ۾ ويهڻ لاءِ تيار آهيون : ڄام ڪمال

بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال چيو آهي ته جيڪڏهن بي اعتمادي واري رٿ ڪامياب ٿي ۽ ناراض ميمبر حڪومت ٺاهين ٿا ته اسان اپوزيشن ۾ ويهڻ لاءِ تيار آهيون.

ٽوئٽ ڪندي ڄام ڪمال چيو ته اقتدار ۽ لالچ جا بکيا پنهنجو شوق پوري ڪري وٺن، جيڪو به نقصان ٿيو، ان جا ذميوار بي اي پي، پي ڊي ايم۽ پي ٽي آءِ سميت ڪجهه مافيا هوندا.

هن چيو ته مان پنهنجا اختيار اتحادين ۽ پنهنجي بي اي پي گروپ کي ڏنا آهن، موجوده منظرنامي لاءِ جيڪو به بهتر هوندو،انشاءَ الله اهو ئي فيصلو ٿيندو.

هن چيو ته  عمران خان پنهنجي ڪجهه وفاقي وزيرن تي نظر رکي، جيڪي بلوچستان جي معاملن ۾ مداخلت ڪن پيا.

واضح رهي ته ڄام ڪمال خلاف بي اعتمادي رٿ تي ووٽنگ سڀاڻي ٿيندي..

وڌيڪ پڙهو: