وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته حڪومت آءِ ايم ايف جي ڊڪٽيشن تي هلي رهي آهي،
حڪومت کي پنهنجي نااهلي سبب عالمي مالياتي اداري وٽ وڃڻو پيو،
مٺي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته ناڻي واري وزير هڪ انٽرويو ۾ چيو ته 2009ع دوران آءِ ايم ايف سان ڊيل ڪرڻ آسان هو،
سنڌيءَ ۾ چوڻي تحت مَينهن قلعي تي ڪُڏندي آهي، ناڻي واري وزير جو قلعو مضبوط ناهي،
آصف علي زرداري جي دور ۾ آءِ ايم ايف جَي اکين ۾ اکيون ملائي ڳالهائيندو هو،
حڪومت درست وقت تي ايل اين جي خريد نه ڪئي..