شوبز

October 2, 2021 6:23 pm

ميشا شفيع والده ۽ مڙس سميت عدالت طلب

لاهور جي سيشن عدالت گلوڪارا ميشا شفيع جي خلاف علي ظفر جي ساک کي نقصان پهچائڻ واري دعويٰ تي 29 سيپٽمبر جي ٻڌڻي جو لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو. عدالت ميشا شفيع کيس سندس مڙس ۽ ماءُ صباء حميد سميت ايندڙ ٻڌڻي تي طلب ڪري ورتو.

ايڊيشنل سيشن جج اظهار اقبال رانجها ٻن صفن جو لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪيو. حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته ميشا شفيع، صبا حميد، محمد محمود پنهنجي ٻيان تي ايندڙ ٻڌڻي ۾ پيش ٿين. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ساک کي متاثر ڪرڻ واري دعويٰ ميشا شفيع، صبا حميد، محمد محمود پنهنجا بيان رڪارڊ ڪرائي چڪا آهن. لکت واري فيصلي ۾ چيو ويو آهي علي ظفر جي وڪيل موجب ٽنهي گواهن جي بيانن تي جرح ٿيڻ باقي آهي. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 19 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

وڌيڪ پڙهو: