موهن جو دڙو ۽ ڀرپاسي ۾ بدامني چوٽ چڙهڻ سبب رهواسي ڳڻتي ۾ وٺجي ويا آهن، اڻڄاتل چور پ پ اڳواڻ جي گهر مان 16 لک رپين جو ڌاڙو هڻي فرار ٿي ويا.
ڳوٺ ٻٽڙا ۾ غلام الله ٻگهيو جي گهر مان اڻڄاتل هٿياربند روڪ رقم، سونا زيور ۽ ٻيو سامان ٻهاري فرار ٿي ويا.
اطلاع بعد پوليس پهچي جائزو وٺي جوابدارن جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته جلد جوابدارن کي گرفتار ڪري کين ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو…