انساني حقن واري وفاقي وزير شيرين مزاري ۽ سندس ڌيءَ ايمان زينب مزاري سوشل ميڊيا تي سخت جھيڙي ۾ پئجي ويون.
ايمان زينب مزاري سوشل ميڊيا تي لکيو ته جيڪڏهن ملڪ کي جادو ٽوڻي سان هلائڻو هو ته پوءِ قوم جو پيسو ڇو ضايع ڪيو پيو وڃي ايتري وڏي ڪابينا تي ، ملڪ کي جادو ڪري مذاق اڏايو پيو وڃي.
ايمان مزاري پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ لکيو ته توهان جادوگرن بابت ڳالهائڻ نٿا چاهيو ، اهو ڪڏهن به نه ٿيندو.
پنهنجي ڌيءَ کي جواب ڏيندي وفاقي وزير شيرين مزاري چيو ته ، “مان شرمسار آهيان ته توهان ان حد تائين ڪري چڪا آهيو جو توهان ذاتي حملا ڪري رهيا آهيو. هڪ وڪيل جي حيثيت ۾ بغير ڪنهن ثبوت جي الزام هڻڻ شرمناڪ آهي.”
مزاري وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ذاتي تنقيدون ناڪام ٿيون ته ذاتي حملا ڪرڻ شرمناڪ ٿيندو آهي.
ياد رهي ته ان کان اڳ PML مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز به وزير اعظم عمران خان تي جادو ذريعي اهم مقرريون ڪرڻ جو الزام هنيو هو.