پاڪستان

November 2, 2021 1:03 pm

مهانگائي سٽيل عوام مٿان بجلي ڪيرائڻ جون تياريون

مهانگائي سٽيل عوام مٿان بجلي ڪيرائڻ جون تياريون، نيپرا بجلي في يونٽ هڪ رپيو 39 پئسا مهانگي ڪرڻ بابت ٻڌڻي مڪمل ڪري ورتي، انگن اکرن جو جائزو وٺڻ بعد جاري ڪيو ويندو،

نيپرا جي چيئرمين جي صدارت  ۾ حڪومت پاران بجلي جي بنيادي قيمت هڪ رپيو 68 پئسا مقرر ڪرڻ واري درخواست  تي ٻڌڻي دوران پاور ڊويزن  ٻڌايو ته بجلي جو سراسري  ٽيرف 13 رپيا 97 پئسا آهي،موجوده اضافي بعد في يونٽ 15 رپيا 36 پئسا ٿي ويندو،

حڪومت واهپيدارن کي 168 ارب ريپن جي سبسڊي ڏئي رهي آهي، اگهن ۾ واڌ ٿي ته سموري ملڪ تي لاڳو هوندي،نيپرا چيئرمين چيو ته صارفين تي بار وڌو پيو وڃي، ان ڪري دانهون ته ٿينديون..

وڌيڪ پڙهو: