پاڪستان

November 5, 2021 1:56 pm

مهانگائي سبب متاثر ٿيندڙ عوام جو احساس آهي : وزيراعظم

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مهانگائي سبب متاثر ٿيندڙ عوام جو احساس آهي،

جڏهن اسان جي حڪومت آئي ته  ملڪي معاشي کوٽ 20 ارب ڊالر هئي،هاڻ  اها گهٽجي هڪ ارب ڊالر  ٿي وئي آهي،اسان جو دارومدار امپورٽ تي آهي،

انڪري عالمي مارڪيٽ ۾ قيمتن وڌڻ سان اسان کي شين جا اگهه وڌائڻا پون ٿا،

پارٽي جي اڳواڻن جي وفد سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته واپاري کوٽ سبب معاشي صورتحال ۾ بهتري ڏکيو ڪم هو،

حڪومت ۾ اچڻ کان هڪ سال کانپوءِ ڪرونا پوري دنيا کي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو،دنيا جي معيشت کوٽ ۾ هلي وئي ۽ عالمي سطح تي معاشي بحران آيو، جنهن کان اسان به متاثر ٿياسين..

وڌيڪ پڙهو: