پاڪستان

December 16, 2021 11:22 am

مني لانڊرنگ ڪيس ۾ شهباز شريف ۽ حمزه شهباز شريف جي ضمانت ۾ 4 جنوري تائين واڌ

لاهور  جي بينڪنگ جي عدالت ۾ مني لانڊرنگ ڪيس جي ٻڌڻي دوران شهباز شريف ۽ حمزه شهباز شريف جي ضمانت ۾ 4 جنوري تائين واڌ ڪري ڪري ڇڏي.

بينڪنگ عدالت ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف ۽ حمزه شهباز  عدالت ۾ پيش ٿي ويا.

شهباز  شريف عدالت کي ٻڌايو ته مون پنهنجي خاندان جي ڪاروبار کي نقصان پهچايو،مان صوبي جو خادم رهيو آهيان ۽ عوام جي خدمت ڪندو رهيس.

ن ليگ صدر چيو ته مان عدالت کي حقيقتن کان آگاهه ڪرڻ گهران ٿو،قومي اسيمبلي جو اجلاس شروع ٿي رهيو آهي،انڪري ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ٿي نه سگهندس.

عدالت شهباز شريف کي چالان ۾ پيش ٿيڻ کان آجو ڪري ڇڏيو.

عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي حمزه شهباز چيو ته عوام کي هڪ ڪروڙ نوڪرين ڏيڻ جا واعدا ڪندڙ ڪٿي آهن؟.

هن چيو ته ٽن سالن کان عوام کي ڌوڪو ڏنو پيو وڃي،معيشت کي تباهه ڪيو ويو،پيشي ان جي ٿيڻ گهرجي، جنهن کنڊ لاءِ عوام کي لائين ۾ لڳائي ڇڏيو آهي..

وڌيڪ پڙهو: