وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته ڪالهوڪي ڀارت سان ميچ عام ڪرڪيٽ ميچ نه پر ڪرڪيٽ پلس هئي، منهنجو ورلڊ ڪپ جو فائنل ڪالهه هو، جيڪو پاڪستان کٽي ورتو.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد چيو ته ڀارت کي 10 وڪيٽن تان شڪست تي تاريخي جشن ملهايو ويو، ڀارت کي 10 وڪيٽن تان شڪست تمام وڏي فتح آهي.
هن چيو ته منهنجو فائنل ڪالهه ئي ٿي ويو، منهنجو ورلڊ ڪپ به ڪالهه هو، جيڪو پاڪستان کٽي ورتو.
وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد وڌيڪ چيو ته پابندي مڙهيل ٽي ايل پي سان ڳالهيون سٺي انداز ۾ ٿي رهيون آهن، سعد رضوي جي اصرار تي مذاڪراتي ڪميٽي جي سربراهي ڪري رهيو آهيان..