پاڪستان

October 15, 2021 2:02 pm

منهنجو عزم آهي ته هارين کي فصل جي پوري قيمت ملي : وزير اعظم عمران خان

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته هارين جو آواز ڪو نٿو ٻڌي، طاقتور چاهي ٿو ته کين آين آر او ملي، هاري لنڊن ۾ فليٽس ناهي وٺندو، شوگر ملز وارا به ڪٽوتي ڪري هارين جو حق مارين ٿا، منهنجو عزم آهي ته هارين کي فصل جي پوري قيمت ملي.

اسلام آباد ۾ ڪسان پورٽل بابت تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته زرعي پيداوار وڌائڻ لاءِ جديد دور جي ٽيڪنالوجي مان فائدو حاصل ڪرڻو پوندو، اسان اڃا تائين موهن جو دڙو واري دور جي پريڪٽس تي هلون پيا.

هن چيو ته  سڀ کان وڏو مسئلو ننڍن آبادگارن جي پاڻي چوري جو آهي،  50 سالن کانپوءِ ملڪ ۾ 10 ڊيم ٺاهيا پيا وڃن، جتي برسات جو پاڻي ذخيرو ٿيندو، هي ڊيم پهريان ٺهڻ گهرجن ها.

هن چيو ته ننڍن آبادگارن کان وياج به وڌيڪ ورتو ويندو آهي ۽ اهو ئي مشڪلاتن کي منهن ڏيندو آهي.

وزيراعظم چيو ته ته الله تعاليٰ غريب ۽ ڪمزور ماڻهو جي دعا جلد ٻڌندو آهي، تحريڪ انصاف، انصاف جي تحريڪ هلائي.

عمران خان چيو ته ملڪ ۾ پاڻي جي کوٽ  جو پورائو ڪرڻ لاءِ پاڻي کي ذخيرو ڪرڻو پوندو،بلوچستان ۾ زرخيز زمين آهي، جيڪا تمام گهڻي پيدوار  ڏئي ٿي.

وزيراعظم چيو ته ڪوهه سلمان مان ايندڙ  برسات جو پاڻي وڏي تباهي مچائيندو آهي، جنهن کي جمع ڪري سگهجي ٿو..

وڌيڪ پڙهو: