28 ڏينهن کان پوءِ بالي ووڊ جي اداڪار شاهه رخ خان جي پٽ کي جيل مان آزادي ملي وئي. شاهه رخ خان آريان خان کي وٺڻ جي لاءِ ممبئي جي آرتهر جيل پهتو. ممبئي آرتهر جيل ۾ قيد آريان خان گهر جي لاءِ روانو ٿي ويو آهي.
مداحن جو وڏو انگ شاهه رخ خان جي رهائشگاهه جي ٻاهران موجود آهي. آريان خان مٿان لاڳو ڪيل ضمانت جي شرطن ۾ ان کي پنهنجو پاسپورٽ عدالت جي حوالي ڪرڻو پيو. هو جاچ آفيسر جي اجازت کان سواءِ ممبئي کان ٻاهر نٿو وڃي سگهي ۽ ميڊيا ۾ ڪنهن به قسم جو ڪوبه بيان نه ڏيندو جڏهن ته هر جمعي جي ڏينهن ان لاءِ لازمي هوندو ته هو اي سي بي جي آفيس ۾ حاضري ڏئي. بالي ووڊ جي اداڪار شاهه رخ خان جي ضمانت مشهور اداڪاره جوهي چاولا ڏني آهي ۽ ان ئي سندس ضمانتي مچلڪن تي صحيحون ڪيون آهن.
واضح رهي ته شاهه رخ خان جي پٽ آريان خان کي 2 آڪٽوبر تي ممبئي جي سمنڊ ڪناري تي هڪ ڪروز شپ تي ٿيندڙ پارٽي دوران ڇاپي کان پوءِ گرفتار ڪيو ويو هو.