سنڌ

October 13, 2021 2:10 pm

بجلي جو تمام وڏو بحران اچڻ وارو آهي : صوبائي وزير امتياز شيخ

توانائي واري وزير امتياز شيخ چيو آهي ته ملڪ ۾ گيس جو تمام وڏو بحران آهي، هاڻي بجلي جو بحران به اچڻ وارو آهي، سڀ کان وڌيڪ گيس سنڌ مان نڪري ٿي پر اسان جي گهرن، صنعتن ۽ سي اين جي اسٽيشنز کي گيس نٿي ملي، جنهن سبب هزارين ماڻهو بيروزگار ٿي چڪا آهن.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي امتياز شيخ چيو ته وفاقي حڪومت سنڌ سان دشمني تي لهي آئي آهي، اوگرا سميت وڏن ادارن ۾ سنڌ جي نمائندگي ناهي.

هـُن چيو ته حڪومت مهانگي اگهه تي ايل اين جـِي خريد ڪرڻ بدران ٿر جي سستي ڪوئلي جو فائدو وٺي.

امتياز شيخ چيو ته ملڪ  ۾ مهانگائي عروج تي پهتل آهي پر حڪومت ادارن سان ويڙهاند ڪري اصل معاملن تان ڌيان هٽائڻ چاهي ٿي، حڪومت مسئلا حل نٿي ڪري سگهي، عوام جي جان ڇڏي.

صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته وفاقي حڪومت ڪنهن به معاملي تي ڳالهائڻ لاءِ تيار ناهي، عوام جي مسئلن جو حل پيپلزپارٽي وٽ آهي، انرجي معاملي تي سنڌ سان رابطو ڪري.

امتياز شيخ مطالبو ڪيو ته سنڌ جي گيس ڪمپنين ۾ مقامي ماڻهن کي روزگار ڏنو وڃي..

وڌيڪ پڙهو: