سنڌ

October 5, 2021 4:48 pm

ملڪ ۾ گليشيئر، برفباري ۽ برساتن جو نوي سيڪڙو پاڻي ضايع ٿيڻ جو انڪشاف

پاڪستان ۾ برساتن ۽ ٻوڏ جي پاڻي کي ذخيرو ڪري پاڻي جي کوٽ  کي منهن ڏيڻ جا وڏا موقعا موجود آهن پر ان حوالي سان عملي قدم نه کڻڻ سبب هر سال لکين ايڪڙ فٽ پاڻي ضايع ٿي رهيو آهي.

انڊس ريور سسٽم اٿارٽي(ارسا) موجب پاڪستان جي دريائن ۾ هر سال گليشئر پگهرجڻ، برفباري ۽ برساتن سبب 134 ملين ايڪڙ فٽ پاڻي ايندو آهي پر اسان وٽ ان پاڻي کي صرف 10 سيڪڙو ذخيرو ڪرڻ جي صلاحيت آهي جڏهن ته دنيا جي ٻين ملڪن ۾ اها شرح 40 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي.  آبي ماهرن موجب جيڪڏهن پاڻي جي کوٽ تي ڪنٽرول  نه ڪيو ويو ته 2025 تائين پاڪستان پاڻي جي کوٽ جو شڪار ملڪن ۾ شامل ٿي ويندو.

پاڪستان ۾ ٻوڏ جي تباهه ڪارين ۽ پاڻي جي کوٽ تي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ واٽر مينجمينٽ جي عالمي ماهرن ۽ باراني يونيورسٽي جي اڳوڻي وائس چانسلر ڊاڪٽر راءِ نياز چيو آهي ته جيڪڏهن  زراعت کاتو ۽ ٻيا وفاقي، صوبائي کاتا ملي ڪم ڪن ته گهٽ وقت ۾ نه صرف ٻوڏ جي تباهين تي ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو پر زرعي شعبي ۾ به انقلاب آڻي سگهجي ٿو.

وڌيڪ پڙهو: