پاڪستان

November 3, 2021 11:36 am

ملڪ ۾ ڪرونا وائرس جي ٽئين لهر جو زور ٽٽي ويو

ملڪ ۾ ڪرونا وائرس جي ٽئين لهر جو زور ٽٽي ويو، وائرس وگهي وڌيڪ 11 مريض حياتيون وڃائي ويٺا.ملڪ ۾ هيل تائين فوتين جو مجموعي انگ 28 هزار 477 ٿي ويو.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر  مطابق ڪرونا جا 561 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن.

اين سي او سي مطابق ملڪ ۾ ڪرونا متاثرن جو انگ وڌي ڪري 12 لک 74 هزار 578 ٿي ويو.

اين سي او سي جي پورٽل مطابق گذريل ڏينهن 43 هزار 914 ٽيسٽون ڪيون ويون،جڏهن ته ملڪ ۾ ڪرونا جي مثبت ڪيسز جي شرح 1.27 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي..

وڌيڪ پڙهو: