ملڪ ۾ ڪرونا وائرس جي ٽئين لهر جاري آهي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪرونا وائرس وڌيڪ 11 حياتيون ڳڙڪائي ويو.
نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر مطباق هيل تائين فوتين جو تعداد 28 هزار 606 ٿي ويو.
اين سي او سي جي پورٽل مطابق هڪ ڏينهن اندر 263 نوان ڪيسز سامهون اچي ويا،جنهن بعد متاثرن جو تعداد 12 لک 79 هزار 636 ٿي ويو.
اين سي او سي مطابق 24 ڪلاڪن دوران 33 هزار 767 ٽيسٽون ڪيون ويون.
رپورٽس مطابق ڪرونا جي پازيٽو ڪيسز جي شرح وڌيڪ گهٽجي ٻڙي ڏهائي ست ست ٿي وئي..