پاڪستان

November 15, 2021 12:30 pm

ملڪ ۾ ڪرونا وائرس جو زور گهٽجي ويو

ملڪ ۾ ڪرونا وائرس جو زور گهٽجي ويو، مثبت ڪيسز جي شرح هڪ سيڪڙو کان به گهٽجي وئي آهي، 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 6 ماڻهو فوت ٿي ويا.

نيشنل ڪمانڊ ائنڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب پاڪستان ۾ 24 ڪلاڪن دوران ڪرونا وائرس جا وڌيڪ 240 ڪيسز سامهون آيا آهن ۽ وڌيڪ 6 ماڻهن موذي وبا وگهي دم ڏئي ڇڏيو.

اين سي او سي موجب ڪرونا جي مثبت ڪيسز جي شرح ٻُڙِي ڏهائي 73 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي، ملڪ ۾ ڪرونا وائرس وگهي فوتين جو مجموعي انگ 28 هزار 612 ۽ متاثرن جو انگ 12 لک 79 هزار 876 7ٿي ويو آهي.

اين سي او سي موجب اسپتالن، قرنطينه سينٽرز، وينٽي ليٽرز ۽ گهرن ۾ ڪرونا وائرس جا 22 هزار 791 مريض علاج هيٺ آهن، جن مان هڪ هزار 111 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي..

وڌيڪ پڙهو: