سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ملڪ ۾ مهانگائي ۽ بيروزگاري جي ذميدار وفاقي حڪومت آهي،نيب چيئرمين جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ وارو صدارتي آرڊيننس غير آئيني آهي،حڪومت قانون سازي اسيمبلين ذريعي ڪرائي.
اسلام آباد جي احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته وفاقي حڪومت کي پارليامينٽ کي باءِ پاس ڪري آرڊيننس جاري نه ڪرڻ گهرجن،وفاقي وزير عهدا ڇڏي پاڻ کي احتساب لاءِ پيش ڪن.
وڏي وزير چيو ته پنڊورا پيپرز ۾ جن ماڻهن جا نالا آيا آهن، انهن خلاف انڪوائري ٿيڻ گهرجي،ٽن وفاقي وزيرن جي آف شور ڪمپنين جو انڪشاف ٿيو آهي.
هن چيو ته عمران خان 2016 ۾ آف شور اڪائونٽ رکندڙن کي چور چيو هو،هاڻ جن وفاقي وزيرن جا نالا آيا آهن، اهي پهريان استعيفائون ڏين.
وڏي وزير کان پڇيو ويو ته صدارتي آرڊيننس ۾ ڪابينا جن منصوبن جي منظوري ڏيندي، انهن تي نيب جو ڪوبه اختيار نه هلندو، ان مان فائدو وٺندو يا نه؟، مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته آرڊيننس جا مختلف ڊرافٽ ميڊيا ۾ آيا آهن، فائنل ڊرافٽ نه مليو آهي، مليو ته سوچينداسين.
هن چيو ته عمران خان جيڪو پيمانو ٻين لاءِ رکي ٿو، اهو پنهنجي لاءِ به مقرر ڪري.
هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته اليڪشن جڏهن به ٿي، پي ٽي آءِ نظر نه ايندي.
ان کان اڳ اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ نوري آباد پاور پلانٽس ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران وڏي وزير ۽ ٻين خلاف فرد جرم لاڳو ٿي نه سگهيو…