پاڪستان

September 30, 2021 5:05 pm

ملڪ ۾ مهانگائي عارضي آهي، جلد صورتحال تي ڪنٽرول ڪري وٺنداسين: عمران خان

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ ۾ مهانگائي جي لهر عارضي آهي. پاڪ چين اقتصادي راهداري(سي پيڪ) تي ڪم جي رفتار تيز ٿيڻ سان قيمتن ۾ جلد گهٽتائي اچي ويندي. وزيراعظم عمران خان سنڌ جي شهر مٽياري کان لاهور 886 ڪلو ميٽر ڊگهي 600 ڪي وي بجلي جي نئين ٽرانسميشن لائن جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته هن ۾ لائن لاسز تقريبن 4 سيڪڙو آهن. جڏهن ته ان کان اڳ لائن لاسز 17 سيڪڙو هئا. هڪ سيڪڙو لائن لاسز سان ملڪ کي ڪيترن ئي اربن جو نقصان ٿيندو آهي. عمران خان ٻڌايو ته اسان جي بجلي جي ورهاست واريون لائنون تمام گهڻيون پراڻيون ٿي چڪيون آهن جنهن سبب لائن لاسز وڌيڪ آهن. خاص طور تي پشاور اليڪٽرڪ سپلائي ڪمپني(پيسڪو) جا لائن لاسز تمام وڌيڪ آهن جنهن سبب اسان بجلي هوندي به صارفين تائين نٿا  پهچائي سگهون جنهن جي نتيجي ۾ عوام کي تڪليف ٿيندي آهي. پراڻين لائنن تي سرمائيڪاري نه ٿيڻ سبب لوڊ شيڊنگ ٿئي ٿي. مٽياري کان لاهور اسٽيٽ آف دي آرٽ جديد ترين ٽرانسميشن لائن وڇائي آهي ۽ اڃان ٻين لائنز تي به سرمائيڪاري ڪنداسين.

وڌيڪ پڙهو: