ملڪ ۾ سون جي اگھه ۾ واڌ ٿي آهي.
سنڌ صرافا بازار جيولرز ايسوسي ايشن موجب سون جو في تولو 400 روپيا واڌ کان پوءِ 1 لک 14 هزار روپين جو ٿي ويو.
10 گرام سون جو قدر 343 روپيا وڌي 98 هزار 165 روپيا ٿي ويو آهي.
صرافا بازار جيولرز ايسوسي ايشن موجب عالمي صرافا مارڪيٽ ۾ سون جو قدر 7 ڊالر واڌ کان پوءِ 1716 ڊالر في اونس آهي.