ڪاروبار

October 27, 2021 9:11 pm

ملڪ ۾ سون جي في تولو قيمت ۾ هزارين رپيا گهٽتائي

ملڪ ۾ اڄ سون جي في تولي قيمت ۾ وڏي گهٽتائي ٿي آهي.

سنڌ صرافه بازار جيولرز ايسوسيئيشن موجب اڄ سون جي في تولو قيمت ۾ 7 هزار 800 رپين جي گهٽتائي ٿي آهي.

7 هزار 800 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ ملڪ ۾ سون جو في تولو اگهه 124200 رپيا ٿي ويو آهي.

سون جي 10 گرام جو اگهه 6 هزار 687 رپيا گهٽتائي سان 1 لک 6 هزار 481 رپيا ٿي ويو آهي.

عالمي منڊي ۾ سون جو اگهه 15 ڊالر گهٽجي 1789 ڊالر في اونس ٿي ويو.

وڌيڪ پڙهو: