عمران خان اسيمبلي وڃڻ نٿو چاهي ته اليڪشن ڇو وڙهي رهيو آهي؟ ڇو نه عمران خان کي عدالت گهرائي پڇا ڪيون؟ سپريم ڪورٽ نيب ترميمن ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي طلب ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو،
چيف جسٽس عمر عطا بنديال رمارڪس ۾ ڄيو ته ملڪ جي سمورن مسئلن جو حل عوام جي فيصلن سان ممڪن آهي، عوام ڪرپشن کان پاڪ حڪومت چاهي ٿو، موجوده پارليامينٽ کي ڄاڻي واڻي اڻپورو ڇڏيو ويو،
پارليامينٽ ۾ ٿيندڙ قانونسازي به تڪراري ٿي رهي آهي، اليڪشن ڪميشن اسپيڪر رولنگ ڪيس ۾ چيو هو ته نومبر 2022 ۾ چونڊون ڪرائڻ لاءِ تيار آهي، حڪومتي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته سياست کي عدليه ۾ ۽ عدليه کي سياست ۾ ڌڪيو ويو آهي،
عدالت حڪومت نه ڪري، چيف جسٽس چيو ته عدليه حڪومت نٿي ڪري، پاڻمرادو نوٽيس ۾ به احتياط ڪيون پيا، سياسي بحران پيدا ٿيندو ته عدالت مداخلت ڪندي آهي،
ملڪ جي سڀ کان وڏي پارٽي جي سربراهه نيب ترميم کي چيلينج ڪيو آهي، حڪومت ڇڏڻ بعد به عمران خان کي وڏي انگ ۾ عوام جي حمايت حاصل رهي آهي………..