پ پ اڳواڻ سينيٽر شيري رحمان رپئي جي ملهه ۾ لاٿ تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو آهي ته ڊالر 178.17 رپين جي بلند سطح تي پهتل آهي،اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جي قيمت 181.20 رپيا آهي.
جاري ڪيل بيان ۾ شيري رحمان چيو ته حڪومت سٽي بازن تي ذميداري وجهي ڪري پاڻ کي آجو سمجهي ٿي،ڇا هاڻ ملڪي معيشت ۽ رپئي جي ملهه جو فيصلو سٽي باز ڪري رهيا آهن؟.
پ پ اڳواڻ سوال پڇيو ته ڪٿي حڪومت سازش جو حصو ته ناهي؟،وزيراعظم کي پهريان ڊالر جي قيمت جو اطلاع ٽي وي تان ملندو هو، ايتري غير ذميدار حڪومت پهريان ڪڏهن به نه ڏٺي آهي.
هن چيو ته گذريل ٽن سالن ۾ رپئي جي ملهه ۾ 30.5 سيڪڙو گهٽتائي ٿي ،2018 ۾ ڊالر 123 رپين جو هو، جيڪو هاڻ 178 رپين جو ٿي ويو آهي، رپئي جي زوال جي ذميدار حڪومت ۽ ان جون پاليسيون آهن.