وفاقي حڪومت ملڪي تاريخ جي مهانگي اگهه تي ايل اين جي خريد ڪري ورتي، حڪومت قطر کان 30 ڏهائي 6 في يونٽ جي مهانگي ايل اين جي ڪارگو خريد ڪري ورتي.
ذريعن مطابق مهانگي ايل اين جي گيس جي خريداري جو مقصد سياري ۾ گيس جي امڪاني بحران کان بچڻ آهي.
پڌرائي موجب هي مهانگي آڇ پاڪستان ايل اين جي لميٽيڊ پاران 2 ايل اين جي ڪارگوز جي خريداري لاءِ جاري ڪيل ٽينڊر جي جواب ۾ ڏني وئي.
ٻن عالمي ڪمپنين عالمي مارڪيٽ ۾ ايل اين جي جا اگهه وڌڻ سبب فراهمي جا سودا رد ڪري ڇڏيا.
عالمي ڪمپنين 29 ڏهائي 8 ڊالر في ايم ايم بي ٽي يو ۽ 30 ڏهائي 6 ڊالر آڇ ڪئي ،حڪومت قطر پيٽروليم جي آفر قبول ڪري ورتي..