پي ٽي آءِ سنڌ ۾ امن امان جي خراب صورتحال بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي ڇڏي،
ايم پي اي خرم شير زمان عدالت کي ناظم جوکيو ۽ خيرپور جوسو واقعن تي جي آءِ ٽي جوڙڻ جي استدعاڪندي چيو آهي ته پ پ جا ٻه ايم پي ايز قتل ۾ ملوث آهن،
پ پ وارا قتل به ڪن ٿا ۽ روئن به پاڻ ٿا، سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال انتهائي خراب آهي پر حڪمران پنهنجا پيسا بچائڻ جي چڪر ۾ لڳا پيا آهن،
صوبي ۾ رهبرن جي ضرورت آهي پر هتي رهزن ويٺل آهن.
خرم شير زمان پٽيشن ۾ عدالت کي ملير ۾ نوجوان ناظم جوکيو ۽ خيرپور جوسو ۾ ناري فهميده سيال جي واقعن جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي جوڙڻ جي استدعا ڪئي آهي.
پٽيشن داخل ڪرائڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي خرم شير زمان چيو ته سنڌ ۾ پارليامينٽ ۾ آواز نه ٻڌڻ سبب عوامي نمائندا عدالتن جا چڪر ڪاٽڻ تي مجبور آهن،
سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال انتهائي خراب آهي پر حڪمران پنهنجا پيسو بچائڻ جي چڪر ۾ لڳا پيا آهن.
خرم شير زمان چيو ته سنڌ ۾ رهبرن جي ضرورت آهي پر هتي رهزن ويٺل آهن،پيپلز پارٽي جا ٻه ايم پي اي قتل ۾ ملوث آهن، پي پي وارا قتل به ڪن ٿا ۽ روئن به پاڻ ٿا،
سنڌ حڪومت کي عوام جو ڪو به فڪر ناهي ..