ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي، مبينا غير قانوني ڀرتين تي نيب انڪوائري سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏي، عدالت نيب ۽ وفاقي حڪومت کي نوٽيس جاري ڪندي 19 نومبر تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي.
ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ مبينا غير قانوني ڀرتين تي نيب انڪوائري خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي.
درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته نيب ايم ڊي اي ۾ غير قانوني ڀرتين جي الزام تي 2016ع ۾ انڪوائري بند ڪري ڇڏي هئي، هاڻي ٻيهر پراڻي الزام جي انڪوائري لاءِ 4 ڪال اپ نوٽيس موڪليا ويا آهن.
وڪيل استدعا ڪندي چيو ته انڪوائري ٻيهر شروع ڪرڻ جو مطلب حراسان ڪرڻ آهي، نيب کي ايم ڊي اي خلاف ڪارروائي کان روڪيو وڃي.
عدالت اهڙي درخواست تي نيب ۽ وفاقي حڪومت کي نوٽيس جاري ڪندي 19 نومبر تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي.
عدالت ملير ڊولپمينٽ خلاف نيب انڪوائري روڪڻ جي زباني استدعا به رد ڪندي چيو ته نيب کي انڪوائري کان نٿا روڪيون، جواب اچڻ کانپوءِ ڏٺو ويندو..