ملتان ۾ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ دوران مسلم ليگ (ن) ۽ تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن بعد اليڪشن ڪميشن جي آفيس ميدان جنگ بڻجي وئي.
پي ٽي آءِ اڳواڻ عامر ڊوگر، ن ليگ اڳواڻ شيخ طارق رشيد ۽ جاويد هاشمي جڏهن ڪاغذ جمع ڪرائڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن آفيس پهتا ته ڪارڪنن هڪ ٻئي خلاف سخت نعريبازي ڪئي.
ان دوران ٻنهي پارٽين جي ڪارڪنن وچ ۾ تلخ ڪلامي به ٿي، جنهن بعد جهيڙو شروع ٿي ويو. اليڪشن ڪميشن آفيس ۾ ڪارڪنن هڪ ٻئي تي پٿراءُ ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
اليڪشن ڪميشن آفيس ۾ پوليس کين روڪڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڪارڪنن هڪ ٻئي تي پٿراءُ ڪندا رهيا، بعد ۾ پوليس جي مداخلت تي ڪارڪن اليڪشن ڪميشن آفيس مان منتشر ٿي ويا.