ملتان پوليس جو پي ٽي آءِ اڳواڻ عامر ڊوگر جي اوطاق تي ڇاپو، عامر ڊوگر سميت 12 ڪارڪنن گرفتار، سي پي او ملتان جو چوڻ آهي ته اليڪشن ڪميشن آفيس ۾ جهيڙي ۽ ڀڃ ڊاهه جي الزام هيٺ پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو، عامر ڊوگر پاڻمرادو ڪارڪنن سان گڏ گرفتاري ڏني آهي، فواد چوڌري چيو آهي ته عامر ڊوگر جي گرفتاري سان جيل ڀريو تحريڪ جي شروعات ٿي وئي آهي، پي ٽي آءِ اڳواڻ فرخ حبيب عامر ڊوگر کي فوري طور آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.