پاڪستان

October 24, 2021 1:32 pm

معيشت، عوام ۽ موجوده حڪومت مان ڪنهن هڪ جي چونڊ ڪرڻي پوندي : شهباز شريف

مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت معاشي تباهي ۽ مهانگائي ذريعي قومي سلامتي کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي، هن حڪومت جو هڪ هڪ منٽ عوام تي بار آهي،

پاڪستان جي معيشت، عوام ۽ موجوده حڪومت مان ڪنهن هڪ جي چونڊ ڪرڻي پوندي،

جاري ڪيل بيان ۾ شهباز شريف چيو ته مهانگائي، معاشي تباهي ۽ بيروزگاري جي سزا ملڪ ۽ قوم ڀوڳي رهي آهي،

هن ظالم حڪومت مان جند آجي ڪرائڻ لاءِ سموري قوم کي گهران نڪري فيصلائتو قدم کڻڻو پوندو..

 

وڌيڪ پڙهو: