پاڪستان

تازه خبرون

June 21, 2022 4:31 pm

معاشي صورتحال کي بهتر بڻائڻ لاءِ سخت فيصلا ڪرڻا پوندا: وزيراعظم شهباز شريف

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته معاشي بحران مان نڪرڻ لاءِ وڌيڪ مشڪل فيصلا ڪرڻا پوندا، اسان مشڪل وقت ۾ حڪومت سنڀالي، اڳوڻي حڪومت جي ڪري اسان کي معاشي بحران مليو آهي.

اسلام آباد ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته گذريل حڪومت پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ کي روڪي ان تي سبسڊي ڏئي ايندڙ حڪومت لاءِ سازش جي ڄار وڇائي، اسان کي عوام کي رليف ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، اهو ئي ڪارڻ آهي ته هر گهر اندر ٻه هزار روپيا مهينو ڏئي رهيو آهي، ان سان پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ ٿيندڙ واڌ جو وزن عوام تان گهٽ ٿيندو.

شهباز شريف چيو ته پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ اڻٽر هئي، اسان دل تي پٿر رکي پيٽروليم شين جا اگهه وڌايا، دنيا ۾ معاشي صورتحال ڳنڀير ٿي وئي آهي، هي مشڪل وقت ضرور آهي پر اسان سخت فيصلا ڪري هن ڏکي گهڙي مان ٻاهر نڪري وينداسين.

وڌيڪ پڙهو: